چنا، ڪريم بخش

چنا، ڪريم بخش

ڪريم بخش چنا

ڪريم بخش چنا: سنڌ ۾ علم جي لاٽ ٻارڻ ۾ جتي الهندي شاهه، حسن علي آفندي ۽ ايڇ. ايم خواجه جو ذڪر ٿيندو، اتي ڪريم بخش چنا جون خدمتون به ياد رکيون وينديون. پروفيسر ڪريم بخش چنا، 17 جولاءِ 1916ع تي عبدالحليم چنا جي گهر دادوءَ جي مشهور علمي ڳوٺ پاٽ ۾ جنم ورتو. پنجن سالن جي عمر ۾ مقامي مدرسي ۾ مذهبي تعليم وٺڻ لاءِ داخل ٿيو، بعد ۾ پاٽ جي پرائمري اسڪول مان تعليم حاصل ڪري، 1935ع ۾ مقامي انگريزي اسڪول مان (بمبئي يونيورسٽي مان) ميٽرڪ ڪيائين. 1939ع ڌاري بي. اي ڪيائين ۽ 1941ع ڌاري ايم. اي عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪري بي. ٽيءَ جو امتحان ڏنائين. هاءِ اسڪول ميهڙ ۽ پوءِ دادو هاءِ اسڪول ۾ تدريسي شعبي سان واڳجي ويو. استاد بخاري گورنمينٽ ڪاليج ۽ پير الاهي بخش لا ڪاليج جو بنياد به ڪريم چنا جو وڌل آهي. سندس ذوق ۽ شوق ڏسي مخدوم غلام حيدر کيس مخدوم نوح سروري اسلاميه ڪاليج هالا جو پرنسپال مقرر ڪرايو. 1971ع ۾ کيس ڪامپريهينسو هاءِ اسڪول ميرپور خاص جو پرنسپال 1972ع ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ڪراچي ۽ بعد ۾ D.E.O ٺٽو مقرر ڪيو ويو. ڪافي عرصو اڪيڊمڪ اسڪول ايجوڪيشن ڪراچي ريجن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر طور به خدمتون سر انجام ڏنائين. 1975ع ۾ کيس سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ انگريزي سبجيڪٽ جو اسپيشلسٽ مقرر ڪيو ويو. پاڻ وڏيرڪي نظام جو سخت مخالف هو. سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جيڪي مختلف ڪورسن تي رکيل آهن، جن مان: (1) تمدن اسلام ۽ اسلام '>تاريخ اسلام (ڀاڱو پهريون) (2) رسول ڪريم، (3) بني عباسيه، (4) تمدن جي ماهيت وغيره مشهور آهن. آخري وقت ۾ پنهنجي لائبريري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ کي ڏئي ڇڏيائين ۽ وحدت ڪالوني حيدرآباد ۾ رهيو. هن تعليم ۽ علم جي عاشق 9 نومبر 1986ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ ڪريم بخش چناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.07.17  عيسوي

ڪريم بخش چنا، 17 جولاءِ 1916ع تي عبدالحليم چنا جي گهر دادوءَ جي مشهور علمي ڳوٺ پاٽ ۾ جنم ورتو.


1986.11.09  عيسوي

ڪريم بخش چنا 9 نومبر 1986ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد مير علي هراتي
لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي
ابن فقيهه
سرائي محمد علي خاصخيلي
اسٽيو جوبز
اميد علي ڀٽ
شمس الدين گونگو نظاماڻي
شير خواجه
محب ڀيل ڪامريڊ
جتوئي وحيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون